مير هزار خان بجاراڻي

مير هزار خان بجاراڻي

هزار خان بجاراڻي

هزار خان بجاراڻي: مشهور سياستدان مير هزار خان ولد سردار نور محمد خان بجاراڻي، 23- آڪٽوبر 1946ع تي ڳوٺ ڪرمپور بجاراڻي ،تعلقي تنگواڻي ، ضلعي ڪشمور ۾ جنم ورتو.ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ اعلي تعليم ولايت مان حاصل ڪئي.سندس سياسي تعلق شروع کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽي سان رهيو. هو 1970ع وارين چونڊن ۾ ايم. پي. اي سان گڏ صوبائي وزير پڻ رهيو. ان کان پوءِ 1977ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. سندس وابستگي پ پ پ سان رهي. غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدارت ڇڏڻ کانپوءِ کيس پارٽيءَ جو صوبائي صدر مقرر ڪيو ويو. ڪجهه عرصي بعد هُن پارٽيءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جو ساٿي بڻيو. وري 1988ع ۾ کيس سينيٽر چونڊيو ويو. هُن 1988ع ۾ وزير صحت، ماحوليات، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ 1990ع ۾ وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جون ذميواريون سنڀالي ورتيون. بجاراڻي صاحب 1993ع ۾ دفاع کاتي جو وزير رهيو. 2008ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ هو پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، جنهن بعد کيس وفاقي وزير تعليم مقرر ٿيو. سال 2013ع جي اليڪشن ۾ هو پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ سنڌ حڪومت ۾ وزير پڻ ٿيو. مير هزار خان 1 فيبروري 2018ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.10.23  عيسوي

مير هزار خان بجاراڻي سنڌ جو هڪ اهم سياستدان آهي . هن 23- آڪٽوبر 1946ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو . عملي سياست ۾ سڀ کان پهرين هو . 1970ع وارين چونڊن ۾ ايم . پي . اي چونڊجي آيو ۽ تن ڏينهن ۾ صوبائي وزير پڻ رهيو .


2018.02.01  عيسوي

مير هزار خان بجاراڻي 01 فيبرري 2018ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضياء الدين ضياء
وزير فرهاد سولنگي
ڀوڄراج جهمٽ مل موٽواڻي2
خٽڪ خالد خان
عبدالله مرزا
انيلا سندر
شورو سڪندر علي ڊاڪٽر
الهه بخش شاهه بخاري
صديقي محمد صالح
دودو سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون